عبدالواحد آريسر

عبدالواحد آريسر

عبدالواحد آريسر

عبدالواحد آريسر: سنڌ جو قومپرست سياستدان، تاريخدان، اديب، عبدالواحد آريسر11 آڪٽوبر 1949ع تي، ڳوٺ انڙ آباد لڳ ھاسي سر ريلوي اسٽيشن، تعلقي عمرڪوٽ ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو جادو آريسر ھو، جيڪو ھارپو ڪندو ھو. عبدالواحد آريسر عمرڪوٽ تعلقي جي ڳوٺ صاڀي جي پرائمري اسڪول مان پنج درجا سنڌي پڙھيا، ان بعد مختلف مدرسن ۾ پڙهيو، جن ۾ ڀينڊي شريف جو مدرسو ”مدرسه ھاشميه سجاول، مولوي عبدالحئي نوحاڻيءَ ڪنگوري (تعلقي ڊگهڙيءَ) واري جو مدرسو، مدرسه مفتاح العلوم حيدرآباد ۽ شاھ ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد شامل آھن. علامه غلام مصطفيٰ قاسمي به سندس استاد رھيو آھي. هن اورينٽل ڪاليج حيدرآباد مان 1968ع ۾ مولوي عربيءَ جو امتحان پاس ڪيو. ھن کي ابتدا کان وٺي مطالعي ۽ لکڻ پڙھڻ جو شوق ھو. 1966ع ۾ ڪنگوري مدرسي ۾ پڙھڻ دوران ”ربيع الاول جا چار چنڊ“ عنوان سان پھريون مضمون لکيائين، جيڪو ھفتيوار ھمدرد، ميرپورخاص ۾ ڇپيو، سندس ٻيو اوائلي مضمون 1968ع ڌاري ماھوار ”بادل“ حيدرآباد ۾ لسانيات بابت ڇپيو، جيڪو ھن غلام حيدر صديقيءَ طرفان ڊاڪٽر الانا جي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بڻياد“ تي ڪيل تنقيد جي جواب طور لکيو. آريسر ادبي، مذھبي ۽ سياسي ميدان ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد، جي ايم سيد، مولانا عبيدالله سنڌيءَ ۽ مولانا حسين احمد مدنيءَ کان متاثر رھيو، سندس پھريون ڪتاب، مولاناآزاد جي قولن تي مشتمل “جواھر آزاد“ 1970ع ۾ اردو ۾ ڇپيو، 1972ع ۾ سنڌيءَ ۾ ماھوار ”پيغام“ جاري ڪيائين، جمن شاهه پڙ نزد قريشي مسجد ۽ حنفيه مسجد ڊومڻ واھ روڊ حيدرآباد ۾ خطيب رھيو .1973ع ۾ سنڌ جي وزيراعليٰ ممتاز علي ڀٽي جي دور ۾ سندس ڇپيل مضمون ”سنڌ جو ڏھيسر دھشتگردن جي حضور ۾“ تي سرڪار سندس گرفتاريءَ جا وارنٽ ڪڍيا ۽ آريسر مسجد ڇڏي ڪل وقتي سياست ۾ شرڪت ڪئي. 1972ع ۾ جي.ايم. سيد طرفان حيدر منزل ڪراچيءَ ۾ قائم ڪيل جيئي سنڌ محاذ جو بنيادي ميمبر ٿيو. 1977ع ۾ جيئي سنڌ محاذ جي نئين سر جوڙجڪ وقت ان جو مرڪزي آرگنائيزر مقرر ٿيو. 1990ع تائين جيئي سنڌ محاذ جو مرڪزي آرگنائيزر ۽ 1992ع کان 1995ع تائين چيئرمئن رھيو.1995ع ۾ جي .ايم. سيدجي وفات بعد نئين جڙيل جيئي سنڌ قومي محاذ جو 1995ع کان 1997ع تائين ھڪ سال آرگنائيزر ۽ ٻه سال چيئرمئن رھيو.2007ع ۾ جسقم ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي، آريسر هڪ حصي جو مرڻ گھڙي تائين چيئرمين رهيو. سنڌ جي سياست ۾ عبدالواحد آريسر ۽ حفيظ قريشي مشھور مقرر مڃيا ويندا هئا .آريسر صاحب جي ڇپيل ڪتابن جو وچور هن ريت آهي: ”پرھ جو پيغام“ (1974ع )،”صدين جون صدائون“ (1974ع )،”جي ايم سيد“ (1976ع، ٻيو ڇاپو 1988ع)،”سر ۾ سانجهي وير“ (1979ع)،”ٽھڪي نڪتا ٽوھ“، ”قومي تحريڪ“، ”وريا واھرو“ (1981ع )، ”مٽيءَ ھاڻا ماڻھو“ فرانر فينن جي ڪتاب جوترجمو (1983ع )،”ترم ياترا“ (1985ع )،”ٿي نه محبت مات“ (1986ع)، ”ماڙين ماريس ڪينڪي، ”مجيب ۽ ڀٽو“، ”چانڊوڪيون ۽ چيٽ“ (1987)، ”ابو الڪلام آزاد ۽ سرمد شهيد“ (1988ع) ”تقريرون“ (1989ع)، ”قومي تحريڪ“، ”قومي تحريڪ ۾ رُڪاوٽون“، (1990ع )، ”اسان جيئن جيئي ڪو“ ( 1998ع )،”روح جا ريلا“ (1999ع )، ”سِر جي صدا سُر ۾“ (2000ع )، ”ماڻهو ميگهه ملهار“ (1988ع)، ”سچ وڏو ڏوهاري آهي“ (مخدوم بلاول جي تحريڪ بابت: 2006 ) ”.ڇا ته شخص هو“ (2004ع)، ”سنڌي سماج جو جائزو“ (1985ع)، ”وطن پرستي (1987ع) ٻيو ڇاپو: 1988)، ”واڄٽ ويراڳين جا“ (تاج جويي سان گڏ ترتيب)، ”اُميد جو قتل“(بينظير جي شهادت وقت لکيل: 2008ع)، ”ڳچي ڳانا لوهه جا“ (ٽيئي جيل ڊائريون گڏيل: 2006ع)، ”رُوءِ داد هڪ رات جي (2008ع)، ”آزادي ۽ محبت'>زندگي آزادي ۽ محبت“ (تقريرون، تحريرون ۽ انٽرويو:2009ع)، ٻيو ڇاپو 2020ع)، ”مُنهنجي اڱڻ مُساڳ جو وڻ“ (چونڊ نثري ٽُڪرا: 2013ع)، ”ڪنڌيءَ ٽڙن ڪنول“ (گڏيل ڪتابن جو مجموعو: 2012ع)، ”کٽڻهار کِڙيا“ (گڏيل ڪتابن جو مجموعو: 2012ع، ٻيو ڇاپو 2021ع)، ”تاريخ جي جِهروڪي مان“ (گڏيل ڪتابن جو مجموعو: 2013ع)، ”ورق ورق تاريخ“ (چونڊ نثري ٽُڪرا:2015ع)، ”ويراڳي جي وڃڻا ها“ (خاڪا: 2015ع)، ”اندر رُوح رَهيام (تقريرون ۽ مضمون: 2015ع)، ”ڌرتيءَ جي ڌڙڪن“ (گڏيل ڪتابن جو مجموعو:2015ع)، ”انڊلٺ ريکائون“ (شاعري ۽ نثري ٽڪرا:2015ع)، ”نئين دور جا نوان چار درويش“ (خاڪا: 2016ع)، ”باک جو آواز“ (ترتيب: منصور مزاري) ”مولانا آزاد جي سياسي بصيرت“ وغيره ان کان علاوه سندس ڪتاب”پارٽي ۽ سياست“ ۽”رُڃ جهڙيون راتيون ڏونگر جهڙا ڏينهن“ اڻڇپيل آهن. عبدالواحد آريسر قومي سياست ۾ وقت به وقت جيل ڪاٽيا، ھو پھريون ڀيرو 11 اپريل1976ع تي جيل ۾ ويو، جتان سيپٽمبر 1977ع ۾ آزاد ٿيو، ٻيو ڀيرو آگسٽ 1979ع ۾ جيل ويو ۽ جولاءِ 1981ع ۾ آزاد ٿيو. ٽيون ڀيرو آڪٽوبر 1992ع ۾ گرفتار ٿيو ۽ مارچ 1993ع ۾ آزاد ٿيو ۽ چوٿون دفعو 11 آگسٽ 1999ع تي ھڪ ھفتي لاءِ جيل ويو. عبدالواحد آريسر 03 مئي 2015ع تي وفات ڪئي. سندس مزار ڳوٺ انڙآباد ۾ آهي .


لفظ عبدالواحد آريسرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1949.10.11  عيسوي

سنڌ جو قومپرست سياستدان، تاريخدان، اديب، عبدالواحد آريسر11 آڪٽوبر 1949ع تي، ڳوٺ انڙ آباد لڳ ھاسي سر ريلوي اسٽيشن، تعلقي عمرڪوٽ ۾ ڄائو.


2015.05.03  عيسوي

عبدالواحد آريسر 03 مئي 2015ع تي وفات ڪئي.سندس مزار ڳوٺ انڙآباد ۾ آهي .



سياستدان - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

امين فهيم مخدوم
بقادار شاهه سيد
اسفند يار ولي
الطاف حسين
الهه بخش سومرو شهيد
اعجاز علي خان ٽالپر
امير بخش ڀٽو
اڪرام الله ڌاريجو
اياز لطيف پليجو
لال ڪرشن آڏواڻي
سياستدان ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون